شيخ ڪينو

شيخ ڪينو

شيخ ڪينو

شيخ ڪينو (پکي): پاڻيءَ ۾ رهندڙ هن پکيءَ کي سنڌيءَ ۾ ڪنڌاٽي، گرووٽ ۽ وڏي اُٽيرڻ پڻ چيو ويندو آهي. انگريزيءَ ۾ هيءُ پکي Eastern Collared Pratincole, Large Indian Pratincole ۽ Oriental Pratincole نالي سان مشهور آهي. جڏهن ته سائنسي نالو Glareola Maldivarum يا Glareola Pratincola Maldivarum اٿس. هن پکي جو تعلق Glareolidae خاندان سان آهي. هن پکيءَ جي جسامت 24 کان 25 سينٽي ميٽر، پرن جي ڊيگهه تقريباً 17 کان 19 سينٽي ميٽر، پڇ 7.1 کان 8.5 سينٽي ميٽر ڊگهو ۽ چهنب 13 کان 15 ملي ميٽر اٿس. هن پکيءَ جا نر ۽ مادي ڏسڻ ۾ هڪجهڙا ٿين ٿا. هن پکيءَ جو مٿيون حصو گهري ڀوري ناسي رنگ جو، هيٺيون حصو هلڪو اڇي رنگ جو ٿيندو آهي، ڳچي وارو پاسو هلڪي پيلي رنگ جو ۽ سنهي ڪاري ليڪ سان نمايان نظر اچي ٿو. پڇ ٻه ڦاڪو، پڇ ۽ پرن جون چوٽيون ڪاريون ٿين ٿيون، پرن جا هيٺيان کنڀ پاسن کان ڪارا ۽ وچ مان ڳاڙهي اکروٽي رنگ جا ٿيندا آهن، چهنب ننڍي، مڙيل ۽ نوڪدار، مٿان ڪاري ۽ هيٺان قرمچي- ڳاڙهي رنگ جي ٿئي ٿي، اکيون ڪاريون، ڄنگهون ۽ چنبا ڀوراڻ مائل ڪاري رنگ جا ٿين ٿا. هيءُ پکي طبيعت ۾ تمام چست آهي. صبح جو سوير ۽ سج لٿي مهل وڌيڪ سرگرم هوندو آهي ۽ جيتن کي ڊوڙي ڊوڙي جهلي وٺندو آهي. اڪثر ولر ۾ نڪرندو آهي ۽ پاڻيءَ جي ويجهو درياهن ۽ واهن جي ڪناري موجود ٻيلن ۾ رهندو آهي. پاڪستان ۾ گهڻوڪري سنڌ جي پاڻياٺي علائقن ۾ ججهي تعداد ۾ نظر ايندو هو، پر موجوده وقت ۾ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي اُڻاٺ ۽ ڍنڍن، واهن وغيره ۾ زهر آلود پاڻي جي گڏجڻ سبب سنڌ ۾ هن پکيءَ جو تعداد گهٽجي ويو آهي. پاڪستان کان سواءِ هندستان ۾خاص ڪري مڌيه پرديش، بنگال، آسام ۾ ۽ بنگلاديش ۽ برما ۾ رهندو آهي. هن پکيءَ جي نسلي واڌويجهه جو عمل مئي جي پهرين هفتي کان شروع ٿيندو آهي. هن جي مادي وڻ تي آکيرو ٺاهڻ بجاءِ زمين تي ٺهيل ننڍن ننڍن کڏن ۽ سڪل گاهه جي جهڳٽن ۾ آنا لاهيندي آهي. هڪ مادي پکي هڪ وقت ۾ 3 کان 4 آنا ڏيندي آهي. نسلي واڌويجهه لاءِ سنڌ کي ترجيح ڏيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو